سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

مودي سرڪار کي وڌيڪ هڪ لوڏو، آمريڪا ڀارت ۾ قائم 7 ڪمپنين تي پابندي لڳائي ڇڏي

مودي سرڪار کي وڌيڪ هڪ لوڏو، آمريڪا ڀارت ۾ قائم 7 ڪمپنين تي پابندي لڳائي ڇڏي، آمريڪا جو چوڻ آهي ته پابندي جو شڪار ست ئي ڪمپنيون ايران سان تيل جو واپار ڪن ٿيون، ايران تيل مان حاصل آمدني وچ اوڀر ۾ عدم استحڪام لاءِ استعمال ڪندو آهي، ايران پنهنجي عوام جو استحصال به ڪري رهيو آهي، پرڏيهي کاتو اهڙين 20 ڪمپنين تي پابندي لڳائي رهيو آهي جيڪي ايراني پيٽرول جي واپار ۾ شريڪ آهن، انهن 10 سامونڊي جهازن خلاف به ڪارروائي ڪئي پئي وڃي جيڪي ايراني پيٽرول ۽ پيٽرو ڪيميڪل شيون جي چرپر ۾ ملوث ڏٺيون ويون آهن، آمريڪي صدر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته ڀارت دوستي جي آڙ ۾ واپاري منافقت ڪري رهيو آهي

Related posts

Leave the first comment