فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو ملتان ڇانوڻي جو دورو، قومي اتحاد ۽ سول ملٽري هم آهنگي تي زور، قومي خودمختاري ۽ علائقائي سالميت جَي تحفظ جِي عزم جو اظهار، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي ملتان ڇانوڻي جَي دوري دوران فارميشن جي آپريشنل تيارين ۽ تربيتي سرگرمين تي بريفنگ ڏني وئي، آءِ ايس پي آر موجب، پاڪ فوج ۾ جديد زيڊ ٽين اٽيڪ هيليڪاپٽر به شامل ڪيو ويو آهي، هي هيليڪاپٽر هر موسم ۾ رات جَي وقت به درست نشانو لڳائڻ جِي صلاحيت رکي ٿو، آرمي ايوي ايشن ۾ جديد نظام جِي شموليت اهم سنگ ميل قرار، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير هٿيارن جِي حڪمت عملي جَي ڪامياب مظاهري کي به ساراهيو


