– چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي 89هين سالگرهه جي ايڇ ڪيو ۾ ملهائي وئي، چين جي سفير جيان زائيڊونگ، دفاعي اتاشي ميجر جنرل وانگ زونگ، چيني سفارتخاني جي آفيسرن جي تقريب ۾ شرڪت، تقريب ۾ پاڪستان جي ٽنهي هٿياربند فوجن جا سينيئر آفيسر به شريڪ ٿيا، آرمي چيف فيلڊ مارشل چيني مهمانن جي آجيان ڪئي، سيد عاصم منير جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ نرالا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا آزمائشن ۽ هر بدلجندڙ علائقائي ۽ عالمي چئلينجن باوجود نهايت سگهارا آهن، پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا گڏيل اعتماد جو بهترين مثال آهن، بدلجندڙ صورتحال جي باوجود پاڪ چين دوستي هميشه مضبوط ۽ ناقابل شڪست رهي آهي، پاڪستان آرمي ۽ پيپلز لبريشن آرمي حقيقي معنائن ۾ برادر فوج آهن


