ايراني صدر مسعود پزشڪيان ٻن ڏينهن جَي سرڪاري دوري تي تهران کان پاڪستان روانو ٿي ويو، ايراني صدر مسعود پزشڪيان اڄ لاهور پهچندو، لاهور ۾ علامه اقبال جِي مزار تي حاضري ڀريندو، ايران مان روانگي وقت صدر مسعود پزشڪيان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جَي دوري جو مقصد واپار ۽ اقتصادي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ آهي، ملاقاتن ۾ سرحدي سلامتي ۽ علائقائي امن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي، مسعود پزشڪيان جو ايراني صدر جِي حيثيت ۾ پاڪستان جو پهريون سرڪار دورو آهي، ذريعن موجب، ايراني صدر لاهور کان اڄ رات اسلام آباد ويندو، ايراني صدر اسلام آباد ۾ صدر آصف علي زرداري، اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ چيئرمين سان ملاقاتون ڪندو، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان فون تي رابطو، ايراني صدر جَي پاڪستان دوري جِي ايجنڊا تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي



