سنڌ حڪومت پاران حق جي جنگ سان منسوب ڪيل جشن آزادي تقريبن دوران خوبصورت سجاوٽ تي انعام جو اعلان

سنڌ حڪومت پاران حق جي جنگ سان منسوب ڪيل جشن آزادي تقريبن دوران خوبصورت سجاوٽ تي انعام جو اعلان، پاڪستان حق جي جنگ ۾ تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي، تاريخي ڪاميابي تي آزادي جو جشن پهرين کان 14 آگسٽ تائين ڀرپور نموني ملهايو ويندو، جنهن دوران 160 جي لڳ ڀڳ ايونٽ منعقد ڪيا ويندا، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس، سندس چوڻ آهي ته گهرن، آفيسن، عمارتن، مالز ۽ گاڏين کي سجائڻ جا مقابلا ڪرايا ويندا، عمارتن ۽ گاڏين کي شاندار نموني سجائيندڙن کي انعام ملندا، ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سميت سمورن ضلعي هيڊ ڪوارٽرز ۾ تقريبون ٿينديون، جهنڊا ڦڙڪايا ويندا، ميوزيڪل، ڪلچر ايونٽ، آتشبازي ۽ عورتن جي سائيڪل ريلي به ڪڍي ويندي……….

Related posts

Leave the first comment