ڌيءَ کي پينشن شادي جي حيثيت تي نه پر حق جي بنياد تي ڏني ويندي، سپريم ڪورٽ طلاقيل ڌيءَ جي پينشن کي پينشن ڏيڻ جي حوالي سان وڏو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، پيءُ جي فوت ٿيڻ کانپوءِ طلاقيل ڌيءَ کي پينشن نه ڏيڻ وارو سرڪلر ڪالعدم قرار، جسٽس عائشه ملڪ لکت فيصلي ۾ چيو آهي ته پينشن سرڪاري ملازم جو قانوني حق آهي، خيرات ناهي، عورتن جي پينشن جو دارومدار رڳو مالي ضرورت تي هجڻ گهرجي، نه ڪي شادي جي حيثيت تي، سنڌ سرڪار جو 2022 وارو امتيازي ورتاءَ وارو سرڪلر غير آئيني ۽ آئين جي خلاف آهي، پاڪستان جو عالمي معاهدن تي صحيح باوجود صنفي برابري ۾ بدترين رينڪنگ تي هجڻ افسوس جوڳو آهي




