نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق پاران ملڪ جي مٿانهن علائقن ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته هو متاثر خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪن ٿا، متاثرن جي مدد لاءِ حڪومت سڀئي وسيلا استعمال ڪري رهي آهي، وفاقي ۽ صوبائي ادارا، هٿياربند فوج ۽ مقامي انتظاميا امدادي ڪمن ۾ مصروف آهن، اسپيڪر اياز صادق جو چوڻ آهي ته طوفاني برساتن سبب ٿيندڙ جاني نقصان تي سندس دل ڏکويل آهي، هو فوتين جي خاندانن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي، ٻوڏ جي صورتحال پوري قوم لاءِ هڪ امتحان آهي، سڀني کي گڏجي پنهنجن ڀائرن جي مدد ڪرڻ گهرجي، خاص طور تي نوجوانن کي امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺن


