* آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ روسي هم منصب ولاديمير پيوٽن وچ ۾ ٽن ڪلاڪن تائين ملاقات، آمريڪي صدر، يوڪرين جنگبندي تي ڊيل نه ڪرائي سگھيو، ڊونلڊ ٽرمپ، جنگ بنديءَ لاءِ بال يوڪريني صدر ولاديمير زيلينسڪي جي ڪورٽ ۾ اڇلائي ڇڏيو، آمريڪي صدر چيو آهي ته يورپي ملڪن کي به جنگ بنديءَ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڪجهه نقطن تي اتفاق ٿيو آهي ۽ ڪجهه رهجي ويا آهن جن مان اڪثر اهم نه آهن، سڀ کان اهم نقطي تي اتفاق ناهي ٿي سگھيو پر ان تي ڀگ جلد اتفاق جو امڪان موجود آهي، روسي صدر ولاديمير پيوٽن، ٽرمپ سان ڳالهين کي تعميري قرار ڏئي ڇڏيو، آمريڪي هم منصب کي ماسڪو جي دوري جي به دعوت، سندس چوڻ آهي ته ملاقات ۾ گھڻين ڳالهين تي اتفاق ٿيو آهي، ٽرمپ پاڙيسرين جيان سٺو رويو اختيار ڪيو


