خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ طوفاني برساتن، لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ وڏي تباهي مچائي ڇڏي

-* خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ طوفاني برساتن، لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ وڏي تباهي مچائي ڇڏي، مختلف حادثن ۾ 330 کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا، رڳو بونير ۾ 213 ماڻهو فوت، ڪيترائي زخمي ۽ گم ٿي ويا، مانسهره ۾ به ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب 20 ڄڻا اجل جو شڪار، باجوڙ ۾ 21 ڄڻن حياتيون وڃايون، باجوڙ ۾ امدادي سرگرمين لاءِ ويل هيليڪاپٽر تباهه ٿيڻ سبب 5 ڄڻا شهيد، ڪلائوڊ برسٽ کانپوءِ آيل ٻوڏ ڪيترائي ڳوٺ لوڙهي وئي، بونير، سوات، باجوڙ، مانسهره ۽ بٽگرام آفت سٽيل قرار، هنگامي حالتون لاڳو، ڪي پي ۾ سوڳ ملهايو پيو وڃي، قومي جهنڊو نِويل رهندو

Related posts

Leave the first comment