بلوچستان جو عوام پاڻ به دهشتگردن مان تنگ اچي چڪو آهي، صوبي جو عوام انهن خلاف اٿي کڙو ٿيو آهي، عوام دهشتگردن جي نشاندهي ڪري ته آپريشن ڪامياب ٿيندو آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف جون بلوچستان سان واسطو رکندڙ شاگردن سان ويهڪ دوران ڳالهيون، سندس چوڻ آهي ته فوج کي دهشتگرديءَ جي نالي تي ڪنهن معصوم کان حياتي کسڻ ۾ دلچسپي نه آهي، سمجهداري سان ڪم ڪرڻ لاءِ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن جو نالو ڏنو ويندو آهي، دهشتگردن، سهولتڪارن ۽ رٿابندي ڪندڙن کي سامهون آڻڻو آهي، ان لاءِ صوبي جي عوام ۽ انتظاميا سان گڏجي ڪم ڪرڻو آهي


