سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي کي تعصب جي ور چاڙهيو ويو آهي

سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي کي تعصب جي ور چاڙهيو ويو آهي، اسان پنهنجي رويي ۽ ڪم سان ناڪاري پروپيگئنڊا کي رد ڪريون پيا، شهر جي ستن ئي ضلعن ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون، اسان ڪم ڪري ڏيکارينداسين، ڪو سڙي ٿو ته ڀلي سڙي، ميئر مرتضيٰ وهاب ڪورنگيءَ ۾ مختلف منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ڪورنگي ضلعو پيپلز پارٽيءَ جو آهي ۽ رهندو، عوام لاءِ روڊن جي تعمير، آر سي سي پائيپ وڇائي برساتي پاڻي جي نيڪاليءَ جو نظام بڻايو پيو وڃي، اسان وٽ فنڊز موجود آهن، ڪورنگيءَ  ۾ ترقياتي ڪمن لاءِ ٽينڊر ڪري ڇڏيو آهي، ضلعي ۾ هلندڙ سال اڍائي ارب رپين جا ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا، ڪامران ٽيسوري گورنر هائوس کي سياست لاءِ استعمال کان پاسو ڪري

Related posts

Leave the first comment