وفاقي حڪومت جو ملڪ ۾ غيرقانوني طور رهندڙ افغانين سميت پرڏيهي شهرين کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو، وفاقي گهرو وزارت سمورن ضلعن جِي انتظاميا، پوليس ۽ جيل کاتي کي غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهي شهرين کي گرفتار ڪري ملڪ بدر ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون، انڊر ٽرائيل افغان شهرين کي ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ فارين ايڪٽ جو قلم 14 بي لاڳو ٿيندو، وفاقي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته پروف آف رجسٽريشن ڪارڊ جو مدو 30 جون تي ختم ٿي چڪو آهي، جنهن بعد پي او آر ڪارڊ رکندڙن جو پاڪستان ۾ رهڻ غيرقانوني آهي




