لاهور کان راولپنڊي ويندڙ اسلام آباد ايڪسپريس جون 6 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، 48 مسافر زخمي، ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽريڪ جِي بحالي ۾ ڪجهه ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا، ٽرين حادثي جو جوائنٽ سرٽيفڪيٽ جاري، ريلوي عملدارن موجب، پٽڙين جِي حالت خراب هجڻ سبب حادثو پيش آيو، ريلوي کاتي جَي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ايڪسپريس سان حادثي بعد سمورن مسافرن کي بسن ۾ سوار ڪري منزل طرف روانو ڪيو ويو ۽ ريلوي کاتي طرفان سمورن مسافرن کي کاڌو به فراهم ڪيو ويو، راولپنڊي ۽ لاهور لاءِ مسافر ٽرينن جو روٽ عارضي طور تبديل


