سول اسپتال حيدرآباد ۾ صحافي خاور حسين جي مڙهه جو ٻيهر پوسٽ مارٽم

سول اسپتال حيدرآباد ۾ صحافي خاور حسين جي مڙهه جو ٻيهر پوسٽ مارٽم، پوليس سرجن جو چوڻ آهي ته خاور حسين جو ٻيهر سي ٽي اسڪين ۽ ايڪسري به ڪيا ويا آهن، آءِ جي سنڌ پوليس خط صحت کاتي کي خط لکي پوسٽ مارٽم جي درخواست ڪئي هئي، صحافي خاور حسين جي پيءُ رحمت علي باجوه جو چوڻ آهي ته پٽ خودڪشي نٿو ڪري سگهي، کيس قتل ڪيو ويو آهي، خاور حسين جي موت جي شفاف جاچ ٿيڻ گهرجي، پٽ جي ڪنهن سان به دشمني نه هئي، خاور حسين جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ والدين ۽ ڀاءُ ڪئنيڊا مان وطن واپس پهچي ويا

Related posts

Leave the first comment