سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ناليواري اديب، ليکڪ ڊاڪٽر ذوالفقار علي سيال جي جنازي نماز  ادا

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) ناليواري اديب، ليکڪ ڊاڪٽر ذوالفقار علي سيال جي لاڙڪاڻي ڀرسان جنازي نماز  ادا.

ڊاڪٽر ذوالفقار علي سيال جي جنازي نمازي باقراڻي جي ڳوٺ انور آباد ۾ ادا ڪئي وئي، ماڻهن جي وڏي انگ ۾ شرڪت.

ذوالفقار علي شاهه، جميل احمد سومرو، سهيل انور سيال، طارق انور سيال جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي.

جنازي نماز ۾ شاهه رخ انور سيال، اعجاز احمد لغاري، ميئر انور علي لهر  ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا.

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سنڌي ادب ۾ 30 کان وڌيڪ ڪتاب لکيا

Related posts

Leave the first comment