ڪوئيٽا: هرنائي جي علائقي شاهرگ ۾ ڌماڪو، 11 پورهيت مارجي ويا، 6 زخمي

ڪوئيٽا (نيشنل ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي علائقي شاهرگ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 11 پورهيت مارجي ويا جڏنن ته 6 زخمي ٿي پيا.

ضلعي انتظاميه موجب ڌماڪي وقت 9 مزدور فوت ٿيا هئا، جن مان 2 ڄڻا بعد زخمن جا نه سهندي فوت ٿي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي گاڏي ويجهو ٿيو.

ڌماڪي ۾ 11 پورهيت مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا آهن، ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن مان ڪيترن ئي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

Related posts

Leave the first comment