سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ترڪيه جا سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا خواهشمند آهن: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته ترڪيه جا سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا خواهشمند آهن.

ترڪيه صدر رجب طيب اردگان طرفان پاڪستان جي دوري دوران 24 معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون.

هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان چيو ته ترڪيه صدر، وزيراعظم ۽ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي،

ٽنهي اڳواڻن ۾ ملاقاتن دوران واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي هٺي وٺرائڻ تي زور ڏنو ويو.

ترڪ صدر قبرص جي معاملي تي پاڪستان جي حمايت تي ٿورا مڃيا.

ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ٿيڻ گهرجي، پاڪستان دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.

Related posts

Leave the first comment