اوٻاوڙو: ڪچي واري علائقي ۾ جهيڙو، هڪ ڏوهاري مارجي ويو، 2 زخمي

شر ۽ ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، ٻنهي ڌرين جي هڪ ٻئي تي فائرنگ

اوٻاوڙو (ويب ڊيسڪ) اوٻاوڙي ڀرسان رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ جهيڙو، هڪ ڏوهاري مارجي ويو، 2 ڄڻا زخمي.

شر ۽ ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، ڳوٺ ننڍو ڀٽو ۾ گهر تي هٿياربندن جي حملو.

فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ شر برادري جو شاهن شر مارجي ويو جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل شاهن شر مٿان 10 کان مٿي ڪيس داخل هئا، ڪجهه مهينا اڳ شهيد ٿيل ٽن پوليس اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث هو.

Related posts

Leave the first comment