ماڻهن جون ڏکيائيون گهٽجن پيون، معيشت بهتري طرف وڃي پئي: صدر آصف زرداري

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ماڻهن جون ڏکيائيون گهٽجن پيون ۽ معيشت بهتري طرف وڌي رهي آهي.

صدر آصف علي زرداري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو تهچين جو دورو ڪامياب رهيو، سي پيڪ جو بنياد رکيو آهي ۽ ان کي ڪامياب بڻائيندا.

سنڌ حڪومت صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ اهم ڪم ڪيو آهي ۽ سنڌ ۾ نيون يونيورسٽيون، ڪاليج ۽ اسپتالون ٺاهيون ويون آهن.

سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرين لاءِ گهر ٺاهيا آهن ۽ ٻين صوبن کي به ان جي پيروي ڪرڻ گهرجي.

Related posts

Leave the first comment