لاهور ۾ صبح کان ٿيندڙ لڳاتار برسات سبب روڊ رستا تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳا

لاهور ۾ صبح کان ٿيندڙ لڳاتار برسات سبب روڊ رستا تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳا، مختلف علائقن ۾ ڪيترن ئي فٽن تائين پاڻي بيهجي ويو، شهرين جون گاڏيون پاڻي ۾ بند ٿي ويون، لاهور واسي ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور، سڀ کان وڌيڪ برسات نشتر ٽائون ۾ 182 ۽ اقبال ٽائون ۾ 177 ملي ميٽر رڪارڊ، برسات سبب ليسڪو جا 142 فيڊر متاثر، بجلي جي فراهمي معطل، لاهور، اوڪاڙا ۽ شيخوپورا ۾ ڇتين ۽ ڀتين ڪرڻ سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ چوماسي جون برساتون 13 جولاءِ تائين جاري رهڻ جو امڪان، پي ڊي ايم اي برسات کي نظر ۾ رکندي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

Related posts

Leave the first comment