فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاران نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد جو دورو، سول ۽ ملٽري ادارن وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ تي زور، ڀارت آپريشن سندور ۾ فوجي هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، ڀارت طرفان ٻاهرين حمايت جا الزام حقيقت جي ابتڙ آهن، ڏهاڪن تي ٻڌل حڪمت عملي ۽ مقامي صلاحيت سان ڀارت خلاف جنگ ۾ ڪاميابي ملي، جنگ ۾ ٻين ملڪن کي شامل ڪرڻ ڀارت جي ناقص سياسي ڪوشش آهي، خطي جا ملڪ ڀارت جي اڳرائي ۽ هندوتوا نظرئي کان تنگ آهن، ڀارت ايٽمي رياست خلاف چڙ ڏيارڻ وارن تباهي آڻيندڙ نتيجن جو ادراڪ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، ڪنهن به ڇڪتاڻ جي حقيقي ذميواري ڀارت جي مغرور ۽ جارح حڪومت تي لاڳو ٿيندي، جنگيون ميڊيا جي بيان بازي، فينسي امپورٽيڊ سامان يا سياسي نعرن سان ناهن کٽبيون، جنگيون ادارن جي مضبوطي، قومي پختي ارادي ۽ حوصلي سان کٽيون وينديون آهن، مستقبل ۾ ڪنهن به حملي جو سوچ کان وڌيڪ سخت جواب ڏنو ويندو: فيلڊ مارشل عاصم منير جو نيشنل سڪيورٽي اينڊ وار ڪورس ڪندڙ آفيسرن کي خطاب




