-پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ڪرن ٿاپر کي ڏنل انٽرويو پاڪستان جي وڏي سفارتي ڪاميابي آهي، بلاول ڀٽو نه رڳو نوجوان قيادت جو نمائندو آهي پر پاڪستان لاءِ هڪ باوقار عالمي آواز به بڻجندو پيو وڃي، بلاول ڀٽو زرداري جھڙي ريت دهشتگرديءَ خلاف عالمي سطح تي پاڪستان جو ڪيس وڙهيو سو ساراهه جوڳو آهي، سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو بيان، چيائين، ڪرن ٿاپر جھڙي تجربيڪار صحافيءَ سامهون ان اعتماد سان ڳالهائڻ کيس دفاعي پوزيشن تي آڻڻ بلاول ڀٽو جي سياسي بصيرت آهي، انٽرويو دوران ڪرن ٿاپر هر هر منجھندو رهيو ۽ غير متوازن نظر آيو، بلاول ڀٽو پوري بحث ۾ پراعتماد ۽ واضح موقف سان نمايان رهيو




