شڪارپور جي ڪچي ۾ شهيد صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس جو مک جوابدار شيرو مهر مارجي ويو

پوليس جي ڊرون حملي ۾ شھيد جان محمد مهر جو مک قاتل شيرو مهر مارجي ويو: ايس ايس پي شڪارپور

شڪاپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپور جي ڪچي واري علائقي ۾ شهيد صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس جو مک جوابدار شيرو مهر مارجي ويو.

ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ جو چوڻ آهي ته پوليس جي ڊرون حملي ۾ شھيد جان محمد مهر جو مک قاتل شيرو مهر مارجي ويو.

پوليس موجب حملي ۾ شيرو مهر جو پٽ، ھڪ عورت ۽ ڏوهاري نصر جتوئي جو ڀاءُ سراج عرف سرو جتوئي زخمي ٿيا آھن.

Related posts

Leave the first comment