سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران غير حاضريءَ تي ايف آءِ اي جي 3 جاچ آفيسرن جا وارنٽ جاري

آئيني بينچ پاران ايف آءِ اي جاچ آفيسرن جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ غير حاضري تي ايف آءِ اي جي 3 جاچ آفيسرن جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

آئيني بينچ پاران ايف آءِ اي آفيسرن جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، عدالت ايف آءِ اي جي ڊي جي ۽ ڊائريڪٽر اسٽيٽ بينڪ سرڪل کي سبب ڄاڻايو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي جي جاچ آفيسرن کي ذاتي طور تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت پڻ ڪري ڇڏي.

Related posts

Leave the first comment