صدر جي طبيعت بهتر آهي، دبئي منتقلي جون خبرون درست ناهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صدر مملڪت آصف علي زرداريءَ جي طبيعت ۾ بهتري اچي رهي آهي.

شرجيل ميمڻ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته صدر آصف علي زرداريءَ کي دبئيءَ منتقل ڪرڻ وارين خبرن ۾ ڪا صداقت ناهي، هو تمام جلد صحتياب ٿي ويندو.

صدر مملڪت آصف علي زرداري کي نوابشاهه کان ڪراچيءَ جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي سندس ميڊيڪل ٽيسٽ بعد ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي هئي.

Related posts

Leave the first comment