غزا ۾ صحافي سخت غذائي کوٽ جو شڪار، بک وگهي مرڻ جو خدشو، فرانسيسي خابرو اداري پاران غزا ۾ ڏڪار جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار، فرانسيسي صحافين جي ائسوسيئيشن ايس ڊي جَي اَي جو چوڻ آهي ته هنن جنگين ۾ صحافين کي وڃايو، زخمي ۽ قيد ڏٺا پر ڪڏهن ڪنهن کي بک وگهي مرندي ناهي ڏٺو، هڪ صحافي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ لکيو آهي ته هو ڪمزوري سبب هلڻ ۽ ميڊيا ڪوريج جي لائق ناهي رهيو، سندس ڀاءُ بک جي شدت سبب ڪِري پيو




