گلگت بلتستان جي ضلعي ديامر ۾ لاڳيتو برساتن جي ڪري پاڻي جي وهڪرن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب تباهي،

گلگت بلتستان جي ضلعي ديامر ۾ لاڳيتو برساتن جي ڪري پاڻي جي وهڪرن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب تباهي، بابوسر ٽاپ  جي 7 کان 8 ڪلو ميٽرن جي علائقي ۾ لينڊ سلائيڊنگ، سياحن جون 30 کان وڌيڪ گاڏيون لڙهي ويون، 3 لاش ڪڍيا ويا، 15 کان وڌيڪ سياح گم، سرچ آپريشن جاري، هزارين سياح ڦاسي پيا، مقامي ماڻهن سياحن کي پناهه ڏيئي ڇڏي، غذر ۾ وِڄ ڪرڻ سبب چئن هنڌن تي لينڊ سلائيڊنگ، ڪيترن ئي گهرن، اسڪول، روڊن ۽ فصلن کي نقصان، گلگت بلتستان حڪومت جو چوڻ آهي ته شاهراهه قراقرم ۽ شاهراهه ناران بابوسر ٽرئفڪ لاءِ بند آهي، مسافر ۽ سياح سفر کان پاسو ڪن، آزاد ڪشمير ۾ صبح سوير وري تيز برسات، ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات سبب ندي نالن ۾ ٻوڏ، ڪي پي جي ضلعي بونير ۾ برسات، گوڪند ۾ وڄ ڪرڻ سبب 2 عورتون فوت، سوات جي علائقي مدين ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 3 ٻار حياتي ويٺا، سوات ۾ ئي برساتي نالي ۾ ٻڏي 2 ٻار فوت ٿي ويا

Related posts

Leave the first comment