سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني ڪرپشن جي 9 ڪيسن مان آجو قرار، ڪراچي ۾ وفاقي اينٽي ڪرپشن عدالت ٽڊاپ ميگا ڪرپشن ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، ايف آءِ اي ٽڊاپ ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ 26 ڪيس داخل ڪيا هئا، يوسف رضا گيلاني ٽِن ڪيسن ۾ اڳ ئي آجو ٿي چڪو هو، ٽڊاپ ڪرپشن ڪيسن جي جاچ جي شروعات 2009 ۾ ٿي هئي، الزام هيٺ آيلن تي جڙتو ڪمپنيون ٺاهي فريٽ سبسڊيءَ جي ڏس ۾ 7 اربن جي ڪرپشن جو الزام هو


