اداڪارا حميرا اصغر جو لاش 6 مهينا پراڻو لڳي رهيو آهي، سندس فليٽ مان مليل کاڌي پيتي جون شيون مدي خارج هيون، جن تي 2024 جي تاريخ لڳل آهي، فون ريڪارڊ موجب اداڪارا آخري پيغام آڪٽوبر 2024 ۾ اماڻيو، حميرا اصغر ڏانهن آخري پيغام هڪ آن لائن ٽيڪسي ڊرائيور جو آهي، ڊي آءِ جي ڏکڻ سيد اسد رضا جو بيان، چوي ٿو، اداڪارا جي گهر ۾ بجلي به ڪيتري ئي عرصي کان بند هئي، حميرا اصغر جو فليٽ مالڪ سان آخري رابطو به 2024 ۾ ٿيو هو، لاش جو پوسٽ مارٽم مڪمل ٿي ويو آهي، جاچ لاءِ پوسٽ مارٽم رپورٽ جو انتظار آهي، جنهن ۾ ٻه ڏينهن لڳي سگهن ٿا، قانوني ڪارروائي کانپوءِ مڙهه کي ڪولڊ اسٽوريج ۾ منتقل ڪيو ويو آهي


