سکر (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه جي آبپاشي عملدارن کي سکر بئراج جي 18 دروازن جي مرمت 30 جون تائين مڪمل ڪرڻ جي هدايت.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سکر بئراج جو دورو ڪري دروازن جي جاري مرمت جو معائنو ڪيو.
مراد علي شاهه 18 دروازن جي تبديلي ۽ نارا ڪئنال جي لائننگ جو جائزو ورتو.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته نارا ڪئنال جي لائننگ جي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي.



