پير جو ڳوٺ (ويب ڊيسڪ) ڪنگري جي ڪچي واري علائقي ۾ الرا- جتوئي تڪرار تان فائرنگ ۾ 4 ڄڻا زخمي.
ڳوٺ پڪا الرا ٻاهران هٿياربندن ڪيلن جي باغ تي ڪم ڪندڙ پورهيتن مٿان فائرنگ ڪري ڏني.
گوليون لڳڻ سبب غلام شبير الرو، امان الله، فاروق احمد ۽ اعجاز احمد الرو زخمي ٿي پيا.
زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس جي ڳري نفري پهچي وئي، ڌرين ۾ وڌيڪ رتوڇاڻ جو خطرو.


