سنڌ جي ناليواري سُريلي راڳي صادق فقير جي وڇوري کي 10 سال گذري ويا

ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) سنڌ جي ناليواري راڳي ۽ ٿر جي ٻاٻيهي صادق فقير کي وڇڙئي 10 ورهيه  وهامي ويا.

سنڌ جي سُريلي راڳي صادق فقير جي پٽن پاران قبر تي گل نڇاور ڪري سادگي سان ورسي  تقريب ملهائي وئي.

صادق فقير 20 مارچ 1967ع ۾ ٿر جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ اک کولي، سندس آواز ڪوئل جي ڪوڪ جيان هوندو جيڪو ٻڌندڙن جي دلين ۾ سُر ۽ سوز طاري ڪري ڇڏيندو هو.

هن پاڪستان سان گڏوگڏ دبئي، انڊيا، سنگاپور، آمريڪا، ڪئناڊا، انگلينڊ ۽ سعودي عرب سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري مڃتا ماڻي.

ٿر جو هي سريلو فنڪار صادق فقير سنڌي، سرائيڪي، ڊاٽڪي، مارواڙي ۽ اردو ۾ به ڳائڻ جي سگهه ۽ صلاحيتون رکندڙ هو.

صادق فقير سنڌ جو بهترين ۽ سريلو فنڪار هو جنهن کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ ۽ مائي ڀاڳي ايوارڊن سان نوازيو ويو.

صادق فقير 26 فيبروري 2015ع ۾ عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ سعودي عرب ويو جتي مديني کان مڪي ويندي خطرناڪ روڊ حادثي جو شڪار پنهنجي چاهيندڙن کي ڏکارو ڪري ويو.

Related posts

Leave the first comment