سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ طوفان کانپوءِ برسات، گرمي جو زور ٽٽي ويو، موسم خوشگوار، بجلي جو نظام ڊانواڊول، دادو، واهي پانڌي، گاجي کهاوڙ، ٿرڙي محبت، ڳيريلو، قبو سعيد خان ۽ راڌڻ ۾ برسات، هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، گورک هل اسٽيشن تي مينهن سبب گورک واسين جي مُکن تي مرڪون موٽي آيون، بلوچستان ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ تيز برسات جو سلسلو جاري، ندي نالا پاڻي سان ڀرجي ويا، خضدار ۾ مختلف حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت، هڪ زخمي، زندهه پير جي علائقي ۾ وِڄ ڪرڻ سبب نوجوان حياتي وڃائي ويٺو، ڪوهه سليمان جي جابلو سلسلي ۾ تيز مينهن بعد برساتي ندين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر، موسميات کاتي پاران برساتن جو سلسلو ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين جاري رهڻ جي اڳڪٿي


