سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

ڪنڌڪوٽ ڀرسان پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ٻارڙي مارجي وئي

انڊس ھاءِ وي ملير، راڻو اسٽاپ وٽ مسافرن کان ڦرلٽ دوران پوليس پھتي ته هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني

ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ ڀرسان پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ٻارڙي مارجي وئي.

انڊس ھاءِ وي جي ملير ۽ راڻو اسٽاپ واري وچ واري علائقي ۾ مسافرن کان ڦرلٽ دوران پوليس پھتي ته هٿياربندن ۽ پوليس ۾ فائرنگ شروع ٿي وئي.

فائرنگ دوران 2 ڏوهاري زخمي،  فائرنگ جي ڏي وٺ دوران گولا برادري جي ٽن ورهين جي ٻارڙي گوليءَ جو کاڄ بڻجي وئي.

Related posts

Leave the first comment