اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) اپوزيشن گرينڊ الائنس جي ٻن ڏينهن واري قومي ڪانفرنس.
سينئر سياستدان شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته قانون جي بالادستي کان سواءِ ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي.
حڪمران جيڪو ڪن پيا ان جي اميد نه هئي، هن وقت ملڪ جي راءِ دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
گرينڊ الائنس جي ڳالهه بعد ۾ ٿيندي اڳ ۾ هڪ سوچ قائم ڪئي وڃي، پيڪا ايڪٽ، 26هين آئيني ترميم عدل جي نظام کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته هاڻي چيف جسٽس وٽ پنهنجي بينچ ٺاهڻ جو اختيار به نه آهي، سپريم ڪورٽ آئيني مسئلا ٻڌڻ لاءِ هوندي آهي، پر هاڻي نٿي ٻڌي سگهي.




