ڪي پي ۾ نااهلي انتها، ڪرپشن ۽ بدانتظامي عروج تي آهي، عدالت کي اپيل ڪئي ته شاليمار رڪارڊنگ اينڊ براڊ ڪاسٽنگ ڪمپني بند نه ڪئي وڃي، ڪمپني جي ڪيترن ئي ملازمن جي روزگار جو معاملو آهي، ڪمپني جي بحالي بابت بزنس پلان جوڙي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو: وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جون ميڊيا سان ڳالهيون، چوي ٿو پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور ۾ غير ذميواراڻي بيان سبب قومي اڏام کي نقصان پهتو، برطانيا ۽ يورپ جي اڏامن سان قومي اداري کي اربين رپين جو فائدو ٿيندو


