جهلم درياءَ ۾ امڪاني ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي سرگوڌا ضلعي ۾ درياءَ ڪناري آباد ماڻهن کي لڏپلاڻ جي هدايت، ٽن تعلقن گهيڙا، شاهپور ۽ ڇوٽا ساهيوال جي 40 کان وڌيڪ ڳوٺن مان ماڻهو منتقل، زراعت کاتي جي ذريعن موجب ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن ۾ جهلم درياءَ ۾ ساڍا 4 لک ڪيوسڪ جو وهڪرو ڇڏڻ جو امڪان آهي، برساتن کانپوءِ جهلم ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو آپريشن جاري، 500 کان وڌيڪ ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو، گذريل ڏينهن ٻڏي ويل وهڪري ۾ ٻڏي ويل پوليس اهلڪار جو لاش ملي ويو، ڪيترائي ڳوٺ اڃا تائين پاڻي هيٺ، پوٺوهار ريجن ۾ ٻوڏ جي صورتحال سبب هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي لڏپلاڻ، پنجاب ۾ مون سون جو چوٿون سلسلو 21 جولاءِ کان شروع ٿيڻ جي اڳڪٿي




