پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ اڄ بجيٽ بابت ڳالهيون شروع ٿينديون

پاڪستان نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ سپر ٽيڪس جي خاتمي جي تجويز پيش ڪندو

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ٽيڪنيڪل ڳالهين جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ پاليسي سطح تي بجيٽ بابت ڳالهيون اڄ شروع ٿينديون.

پاڪستان نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ سپر ٽيڪس جي خاتمي جي تجويز پيش ڪندو.

ڳالهين ۾ پاڪستان آءِ ايم ايف کي درآمد ۽ برآمد تي ٽيڪس گهٽائڻ، ريئل اسٽيٽ کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ پگهاردار طبقي تي ٽيڪس جو بار گهٽائڻ لاءِ تجويزون ڏيندو.

Related posts

Leave the first comment