ڪراچي سميت سنڌ جي مخلتف شهرن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز هوا ۽ گجگوڙ سان برسات

ڪراچي سميت سنڌ جي مخلتف شهرن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز هوا ۽ گجگوڙ سان برسات، مختلف واقعن ۾ 3 ٻارڙن سميت 4 ڄڻا فوت، 6 زخمي، گلشن حديد، ملير، سپر هاءِ وي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وسڪارو، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، لاڙڪاڻي ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن جي مختلف شهرن ۾ برسات، روڊ رستن تي پاڻي بيهجي ويو، هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، مواصلاتي نظام ڊانواڊول، وونئڻن سميت ٻئي فصل کي ڪاپاري ڌڪ، روهڙي  ڀرسان ٽنڊو ٻوراهو ۾ تيز برسات سبب ڀت ڪري پئي، 3 ٻارڙا خالد ابڙو، شاهزيب شيخ ۽ در محمد ابڙو ملبي هيٺان دٻجي فوت ٿي ويا، 2 ڄڻا زخمي، عمرڪوٽ ويجهو ڳوٺ ڀڏيلي ۾ برسات دوران وُڄ ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڏيپارجا ڀرسان گھر جي ڇت ڪرڻ سبب عورت زخمي، موسميات کاتي پاران 11 سيپٽمبر تائين مختلف شهرن ۾ برساتن سبب شهري ٻوڏ جو خدشو ظاهر

Related posts

Leave the first comment