سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

آمريڪا جو ڀارت کان علائقائي استحڪام ۽ امن برقرار رکڻ جو مطالبو

آمريڪي نائب پرڏيهي وزير مائيگريشن ۽ اينٽي نارڪوٽڪس سهڪار وڌائڻ تي پڻ زور ڀريو

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪا ڀارت کان علائقائي استحڪام ۽ امن برقرار رکڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

واشنگٽن ۾ ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري وڪرم مصري جي آمريڪي نائب پرڏيهي وزير ڪرسٽوفر لنزاوا سان ملاقات ٿي.

ڪرسٽوفر لنزاوا آمريڪا ۽ ڀارت جي وچ ۾ ويجھي ڀائيواري جاري رکڻ جي ارادي جو اظهار ڪيو ۽ ڀارت مان مارڪيٽ تائين رسائيءَ جو مطالبو ورجايو.

آمريڪي نائب پرڏيهي وزير مائيگريشن ۽ اينٽي نارڪوٽڪس سهڪار وڌائڻ تي پڻ زور ڀريو.

ياد رهي ته ڀارت جي پرڏيهي سيڪريٽري 27 مئي کان 3 ڏينهن جي دوري تي آمريڪا پهتل آهي.

Related posts

Leave the first comment