وزيراعظم شهباز شريف جو چين دورو انتهائي فائديمند رهيو، وزيراعظم ايس سي او اجلاس ۾ علائقائي سهڪار مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريو، شهباز شريف غزا ۽ ايران تي اسرائيلي اڳرائيءَ جي مذمت به ڪئي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان، شفقت علي خان جي هفتيوار ميڊيا بريفنگ، سندس چوڻ آهي ته وزيراعظم جي روسي صدر سان ملاقات دوران لاڳاپن ۾ سهڪار جا معاملا غور هيٺ آيا، ٻنهي اڳواڻن وڌندڙ سهڪار تي اطمينان جو اظهار ڪيو، پاڪستان ۽ آرمينيا وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي شروعات اهم اڳڀرائي آهي


