-* ٻوڏ متاثر علائقن ۾ وڏي تباهي نظر اچي رهي آهي،پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز ۽ سندس ٽيم تمام گهڻي محنت ڪري رهي آهي، وفاقي حڪومت کي به صوبائي حڪومت سان سهڪار ڪرڻ گهرجي، ايتري وڏي تباهي جو مقابلو رڳو صوبائي حڪومت جي وس جي ڳالهه نه آهي، پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان آبادگارن کي ٿيو آهي:پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جون قصور ۾ ٻوڏ متاثرن سان ڳالهيون، بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ گنڊا سنگهه والا بارڊر تي متاثرن ۾ راشن پڻ ورهايو،سندس چوڻ هو ته هن ڀيري ڀارت سنڌ طاس معاهدي تحت ڊيٽا شيئر نه ڪري رهيو آهي، ڀارت کي عالمي قانونن جي پاسداري لاءِ مجبور ڪنداسين


