ملڪ ۾ ٻوڏ صورتحال ۽ بحالي وارن قدمن بابت اجلاس، وزيراعظم نيويارڪ ۾ جنرل اسيمبلي کي خطاب بعد وڊيو لنڪ تي اجلاس جِي صدارت ڪئي، ٻوڏ متاثرن لاءِ رليف ۽ بحالي جون سرگرميون تيز ڪرڻ جِي هدايت، وزيراعظم چيو ته پاڪستان موسمي تبديلين سبب ايندڙ آفتن کان متاثر ٿي رهيو آهي، ٻوڏ متاثرن جِي بحالي تائين سُک سان نه ويهنداسين، اجلاس ۾ وفاقي وزير احسن اقبال کي امداد ۽ بحالي سرگرمين جِي نگراني لاءِ اجلاس سڏائڻ جِي هدايت، وزيراعظم چيئرمين اين ڊي ايم اي کي صوبن ۽ پي ڊي ايم ايز سان سهڪار جِي هدايت ڪندي چيو ته ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو هنگامي بنيادن تي ڪاٿو لڳايو وڃي


