– ملير ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جو جنرل مئنيجر چوري ٿيل ٽامي سميت گرفتار، بن قاسم پوليس اسٽيل ملز جَي جنرل مئنيجر سعادت علي کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب، جوابدار ڪار جِي ڊگي ۾ اسٽيل ملز جو ٽامو کڻي وڃي رهيو هو، پوليس کي مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيو، سعادت علي ۽ ٽامي سان ڀريل ڪار سميت ٿاڻي تي منتقل، سرڪار جِي مدعيت ۾ ايف آءِ آر داخل


