ڪراچي جَي ميئر مرتضي وهابٰ چيو آهي ته ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ ترقياتي ڪم جاري آهن، ڪراچي ۾ ڪجهه بهتر ڪرڻ چاهيون ٿا ته روڪڻ جِي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائڻ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، هارون آباد واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ سان هڪ سئو ملين گيلن پاڻي صاف ٿيندو، ماڙيپور واٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ ذريعي 54 ملين گيلن پاڻي صاف ٿيندو، سال پورو ٿيڻ کان اڳ ڪيترائي ترقياتي منصوبا مڪمل ٿيندا


