چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت لاءِ آسٽريلوي ٽيم پاڪستان پهچي وئي

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافيءَ ۾ شرڪت جي لاءِ آسٽريلين ڪرڪيٽ ٽيم جو اسڪواڊ لاهور پهچي ويو.

آسٽريلوي ٽيم جي لاهور پهچندڙ جٿي ۾ ڪپتان اسٽيو اسمٿ سميت 14 ڄڻا شامل آهن.

آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافيءَ ۾ شرڪت لاءِ آسٽريليا جي 15 رانديگرن سميت آسٽريلين ڪرڪيٽ ٽيم جو 17 ڄڻن جو ٻيون جٿو ڪجھه دير ۾ لاهور پهچندو.

ٻئي طرف انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم به چيمپئنز ٽرافي جي لاءِ اڄ پاڪستان پهچي رهي آهي.

ياد رهي ته چيمپئنز ٽرافي پاڪستان ۾ 19 فيبروريءَ کان 9 مارچ تائين جاري رهندي.

Related posts

Leave the first comment