سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

سنڌ ۾ مليريا جي ڪيسن ۾ واڌ، 4 مھينن اندر 17 ھزار 454  ڪيس ظاهر

جنوري 2025ع کان 12 اپريل تائين ڪراچي ۾ 187 مليريا جا ڪيس ظاهر ٿيا: رپورٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ مليريا جي ڪيسن ۾ واڌ، 4 مھينن اندر 17 ھزار 454  ڪيس ظاهر، صحت کاتي سنڌ رپورٽ پڌري ڪري ڇڏي.

صحت کاتي جي رپورٽ موجب جنوري 2025ع کان 12 اپريل تائين ڪراچي ۾ 187 مليريا جا ڪيس ظاهر ٿيا.

رپورٽ موجب حيدرآباد ڊويزن ۾ 6 ھزار 837 ۽ سکر ڊويزن ۾ مليريا جا ھڪ ھزار 610 ڪيس رڪارڊ ڪيا ويا.

صحت کاتي جو چوڻ آهي ته لاڙڪاڻو 5 ھزار  416، ميرپورخاص ھڪ ھزار 314 مليريا ڪيس رپورٽ ٿيا، شھيد بينظيرآباد ڊويزن ۾ مليريا جا 2 ھزار 90 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

Related posts

Leave the first comment