بجيٽ تيارين ۽ ٻين معاملن تي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي ٽيڪنيڪل وفد ۾ ڳالهيون سڀاڻي کان شروع ٿيڻ جو امڪان

آءِ ايم ايف ٽيم سان ڪيترن ئي نون ٽئڪس قدمن ۽ ٽئڪس نيٽ کي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي: ذريعا

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) بجيٽ جي تياري ۽ ٻين معاملن تي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي ٽيڪنيڪل وفد وچ ۾ ڳالهيون سڀاڻي کان شروع ٿيڻ جو امڪان.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف ٽيم سان ڪيترن ئي نون ٽئڪس قدمن ۽ ٽئڪس نيٽ کي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.

ڳالهين ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل تي 5 رپيا في ليٽر ڪاربن ليوي لاڳو ڪرڻ جي فيصلو جو امڪان آهي.

فيصلي بعد فئنانس بل جو حصو بڻايو ويندو، نئين بجيٽ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين کي ٽئڪس ۾ ڇوٽ ڏيڻ جي فيصلي جو به امڪان آهي.

Related posts

Leave the first comment