سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جون تازيون خبرون

پي ڊي ايم اي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ امدادي سامان موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيو

– پي ڊي ايم اي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ امدادي سامان موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيو، وڏي وزير مراد علي شاهه جي هدايتن تي ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي سامان موڪليو پيو وڃي، پي ڊي ايم اي موجب سکر، لاڙڪاڻو، شڪارپور، نوشهروفيروز، گھوٽڪي ۽ ڪشمور لاءِ امدادي سامان جلد روانو ڪيو ويندو، امدادي سامان ۾ مڇر دانيون، ميٽرس، هائجين، فرسٽ ايڊ ڪٽس، ڪولر، تنبو ۽ ٻيو سامان شامل آهي، ادارو امڪاني ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سرگرم آهي

Related posts

Leave the first comment