جيل کاتي جي صوبائي وزير علي حسن زرداري جو ملير جيل جو دورو، ايڪسٽينشن منصوبي بابت هدايتون جاري، صوبائي وزير علي حسن زرداري جيل جي مختلف حصن جو جائزو وٺندي جاري اڏاوتي ڪم بابت لاڳاپيل آفيسرن کان رپورٽ ورتي، اڏاوتي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت، صوبائي وزير علي حسن زرداري جو چوڻ هو ته جيلن ۾ وڌندڙ قيدين جي گنجائش وڏو مسئلو بڻجي چڪو آهي، تنهنڪري ملير جيل ايڪسٽينشن ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ ضروري آهي، سنڌ حڪومت جيلن جي جديد طرز تي اپگريڊ ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي




